اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ا??غا??ستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، اسان کي ا??غا??ستان جي ماڻهن سان گڏ بيهڻو پوندو، دنيا جي گڏيل ڪوششن سان ئي اسان ا??غا??ستان ۾ استحڪام آڻي سگهون ٿا، جيڪو دنيا جي امن ۽ ا??غا??ستان ۾ انتظامي اسٽرڪچر جي لاءِ انتهائي ضروري آهي. اها ڳالهه هن ڪيوبا جي نيوز ايجنسي پرسيناليٽينا سان ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ نائن اليون، نيويارڪ ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي ٿيندڙ بدترين واقعي جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي، ا??غا??ستان جي ڪهاڻي 20 سال پراڻي نه آهي پر اها 40 سال پراڻي آهي، 1979ع ۾ جڏهن يو ايس ايس آر ڪابل تي حملي جو فيصلو ڪيو ته هن خطي ۾ هڪ تڪرار جنم ورتو، 1988ع ۾ جنگ ختم ٿي ته اولهه کي ا??غا??ستان جي مدد ڪرڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿيو ۽ پاڪستان کي ان سڄي معاملي ۾ اڪيلو ڇڏيو ويو. هن چيو ته پنهنجي ڪمزور معيشت جي باوجود اسان اٽڪل 5 ملين ا??غا?? پناهگيرن جي ميزباني ڪئي جڏهن ته پاڪستان جي مدد ڪرڻ بدران پريسلر ترميم ذريعي پاڪستا?? تي معاشي پابنديون هنيون ويون، ان دور ۾ اسان ا??غا??ستان جي هر ممڪن مدد ڪئي. چوڌري فواد حسين چيو ته رڳو پاڪستان، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات ا??غا??ستان جي مدد ڪئي پر بدقسمتي سان دنيا ا??غا??ستان جي ماڻهن کي اڪيلو ڇڏي ڏنو جيڪو تباهي جو سبب بڻيو ۽ ا??غا??ستان دهشتگرد تنظيمن جو ڳڙهه بڻجي ويو. هن چيو ته نائن اليون واقعي کانپوءِ آمريڪا ا??غا??ستان ۾ فوجي آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڪستان دنيا سان گڏ بيٺل رهيو، اها جنگ هڪ ڀير?? ٻيهر ا??غا??ستان جي ماڻهن جي لاءِ تباهي جو سبب بڻي. هن چيو ته 2007ع، 2015ع ۽ 2019ع ۾ اسان بار بار چيو ته ا??غا??ستان ۾ فوجي حل بدران سياسي حل طرف وڃڻ گهرجي، بدقستمي سان پاڪستان کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ ان جو آواز نه ٻڌو ويو ۽ هاڻي هڪ ڀير?? ٻيهر مشورو آهي ته ا??غا??ستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، سڄي دنيا جي انتهاپسند تنظيمن کي ا??غا??ستان ۾ پناهه وٺڻ جي اجازت نه هجي، ان جي لاءِ اسان کي ا??غا??ستان سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي ا??غا??ستان جي ماڻهن سان گڏ بيهڻو پوندو، ا??غا??ستان ۾ بهادر مردن ۽ عورتن ڊگهي عرصي تائين قربانيون ڏنيون هاڻي وقت اچي ويو آهي ته دنيا کي انسانيت سان گڏ بيهڻ گهرجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ا??غا??ستان جي موجوده صورتحال ا??غا??ستان ۾ استحڪام جو هڪ موقعو آهي، اسان ڪابل ۾ ڦاٿل پرڏيهي شهرين کي ڪابل مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، پي آءِ اي سوين ماڻهن کي انخلا ۾ مدد فراهم ڪئي، اسان انٽرنيشنل ميڊيا کي نه رڳو ڪابل مان ڪڍيو پر ا??غا??ستان ۾ ڪو??يج جي لاءِ سفر جي سهولت پڻ ڏني، اسان جي پاليسي آهي ته اسان ا??غا??ستان ۾ اٿارٽيز سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان ا??غا??ستان جي ماڻهن کي اڪيلو نه ٿا ڇڏڻ چاهيون. هن چيو ته دنيا جي گڏيل ڪوششن سان اسان ا??غا??ستان ۾ استحڪام آڻي سگهون ٿا، جيڪو دنيا جي امن ۽ ا??غا??ستان ۾ انتظامي اسٽرڪچر جي لاءِ انتهائي ضروري آهي.