اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻن ۽ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳ??پا وڌيڪ مستحڪم ??رڻ جي صلاحيت موجود ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي سفير نواف بن سعيدالمالڪي ۽ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورستي اسلام آباد جي صدر ڊاڪٽر ??ٿل حمود ??لعطيبي سان ملاقات دوران ڪيو. ڊاڪٽر ??ٿل حمود ??لعطيبي گورننس ۽ تعليمي معيار ۾ بهتري جي لاءِ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي نئين اسٽريٽجڪ پلان بابت صدر کي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي شاگردن کي فاصلاتي تعليم فراهم ??رڻ جي لاءِ هڪ نئون شعبو قائم ڪري رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، پاڪ – سعودي عرب لاڳ??پا گڏيل عقيدي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. هن چيو ته پراڻن ۽ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳ??پا وڌيڪ مستحڪم ??رڻ جي صلاحيت موجود ??هي، اعليٰ سطحي ٻطرفي مٽاسٽا ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندي. صدر چيو ته مئي 2021ع ۾ وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري، جولاءِ 2021ع ۾ سعودي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. هن چيو ته ايڇ اي سي جي نئين پاليسي يونيورسٽين ۾ منشيات جو استعمال روڪڻ، شاگردن کي صحتمند ۽ فعال ماحول فراهم ??رڻ ۾ مدد ڏيندي، خاص طور تي شاگردن کي سمورن اداراجاتي چارجز بشمول ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي بلز جي مد ۾ ڇوٽ ڏني ويندي.