اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) گذ??يل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وا??رس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌ??ڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذ??يل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وا??رس سبب 46 فوتگيون ٿيون جنهن مان 18 فوتگيون وينٽي??يٽ??ز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذ??يل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 118 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چ??ن وڏن شهرن ۾ وينٽي??يٽ??ز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 40 سيڪڙو، لاهور ۾ 20 سيڪڙو، پشاور ۾ 18 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چ??ن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 26 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 31 سيڪڙو، ملتان ۾ 25 ۽ گلگت ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. گذ??يل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 37 هزار 196 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 755، پنجاب ۾ 7 هزار 619، خيبرپختونخواهه ۾ 9 هزار 527، اسلام آباد ۾ 4 هزار 419، بلوچستان ۾ هڪ هزار 30، گلگت بلتستان ۾ 372، آزاد ڪشمير ۾ 474 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 87 هزار 95 ٿي چڪو آهي. گگت