اسلام آباد ??? 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناڻي واري وزير کي معاشري جي ڪمزور طبقن کي روزگار ۽ گهر?? جي تعمير لاءِ قرض?? جي فراهمي، صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ غريب خاندان?? جي هڪ ماڻهو کي فني ۽ پيشيوراڻي تربيت ڏيارڻ لاءِ جامع منصوبو پيش ڪرڻ جي ذميداري سونپيندي چيو آهي ته ملڪ جي وڏن شهرن جا ماسٽر پلان جلد کان جلد جوڙيا وڃن، سرسبز پاڪستان ايندڙ نسل?? جي تحفظ ۽ بهتر ماحول لاءِ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ گرين ايرياز جي تحفظ جي لاءِ زرعي، رهائشي ۽ ٻين زمين?? جي استعمال جي حوالي سان مروجه قانونن ۽ قاعدن ۾ تبديلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جئين زرعي زمين ۽ گرين ايرياز جو تحفظ ڪري سگهجي ۽ ڪنهن اهڙي زمي?? جي نوعيت بدلائڻ جو اخ??يار اعليٰ سطح تي منتقل ڪري سگهجي. وزيراعظم عمران خان معاشري جي ڪمزور طبقن کي روزگار جي لاءِ آسان ۽ گهٽ شرح تي قرض?? جي فراهمي، گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي ذاتي گهر?? جي تعمير جي لاءِ قرض?? جي فراهمي، صحت ڪارڊ جي فراهمي ۽ غريب خاندان?? جي گهٽ کان گهٽ هڪ ماڻهو کي ٽيڪنيڪل ۽ پروفيشنل هنر ڏيارڻ جي حوالي سان جامع پلان ٺاهڻ ۽ پيش ڪرڻ جي ذميداري ناڻي واري وزير کي سونپي ڇڏي. اجلاس کي ماحوليات واري وزارت پاران جوڙيل گرين بلڊنگ ڪوڊ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ پائليٽ پراجيڪٽ جي طور تي گرين بلڊنگ ڪوڊز نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبن تي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته گرين بلڊنگ ڪوڊ توانائي جي بچت، پاڻي جي بچت، تعميري سامان، انڊور هوا جي ڪوالٽي، ٿرمل ڪمفرٽ ۽ جاگرافيائي بيهڪ ۽ ٽرانسپورٽ تي ٻڌل آهي، گرين بلڊنگ ڪوڊ لاڳو ڪرڻ سان توانائي جي مد ۾ 24 کان 50 سيڪڙو گهٽتائي، ڪاربا?? جي اخ??اج جي مد ۾ 33 کان 35 سيڪڙو گهٽتائي پاڻي جي 40 سيڪڙو بچت ۽ سالڊ ويسٽ ۾ تقريبن 70 سيڪڙو گهٽتائي واقعي ٿيندي آهي جڏهن ته گرين ڪوڊ تي عملدرآمد جي مد ۾ اضافي لاڳت انتهائي گهٽ آهي جيڪا ٻه ٽن سالن ۾ پوري ٿي ويندي آهي، اجلاس کي ملڪ جي وڏن شهر?? جي ماسٽر پلانز کي نئين سر جوڙڻ ۽ ان حوالي سان هيستائي?? جي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.