اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ اوگرا پاران پيٽروليم مصنوعات ۾ تجويز ڪيل اضافي جي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب اوگرا پاران پيٽرول جي قيمت ۾ 14.07 روپيا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 13.16 روپيا، گاسليٽ جي قيمت ۾ 10.97 رو??يا ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 7.43 رو??يا اض??فو تجويز ڪيو و??و هو. عوامي ڀلائي ۽ ترقي کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم پيٽروليم مصنوعات ۾ اضافي جي تجويز ??نظور نه ڪئي. وزيراعظم ??يو ته حڪومت عوام کي رليف جي فراهمي لاءِ هر حد تائين ويندي.