اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو اهڙو طريقيڪار جوڙيو وڃي جنهن جو فائدو خاص طور تي غريب طبقي ?? پٺتي پيل علائقن کي ملي، ان حوالي سان ٺوس منصوبو عملدرآمد جي مدي سميت پيش ڪيو وڃي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اوڳاڙين واري خاص معاون ڊاڪٽر وقار م??عو?? ڪابينا کي سبسڊي ۽ گرانٽس جي طريقيڪار کي معقول بڻائڻ بابت تفصيلي ب??يف??گ ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ ڪابينا کي گذريل 13 سالن جي اوڳاڙين ۽ خرچن، سبسڊي ۽ گرانٽس جو تقابلي جائزو پيش ڪيو ويو.