اسلام آباد – 21 سي??ٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪ?? اسد قيصر چي?? آهي ته ڪشميري ۽ فلسطيني عوام گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان قربانيون ڏئي رهيا آهن، اسان کي به امن قائم ڪرڻ جي لاءِ جانين جي قرباني ڏيڻي پئي ته نه ڪيٻائينداسين، عالمي برادري ڪشمير ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڇو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ڪرڻ ضروري آهي، ڪشمير جي مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ کي ان جو مرڪز بڻايو ويندو. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن امن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشمير ڪميٽي جي اهتمام هيٺ سي??ينار کي خطاب ڪندي ڪيو.