اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ري??ي چيو آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر پاڪستان کي گري لس?? مان ڪڍڻ جي لاءِ قانونسازي ۾ ۽ ڪشمير مسئلي تي هڪ جهڙو موقف اختيار ڪري ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي شاهه محمود ??ري??ي چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر هن ايوان ۾ ايف اي ٽي اي?? تي قانونسازي ۽ ڪشمير جي معاملي تي ذميواري جو مظاهرو ڪيو. ايف اي ٽي ايف جي گري لس?? مان نڪرڻ جي لاءِ هي قانونسازي ضروري هئي. گري لسٽ جو تحفو ورثي ۾ مليو. جون 2016ع ۾ پاڪستان گري لسٽ ۾ وڃي چڪو هو جڏهن ته ان ??ان نڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيو. ڀارت پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ ڌڪڻ چاهيندو هو. اسان ڀارتي ارادا ناڪام بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون. ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ پاڪستان ??اران اڳڀرائي جو اعتراف ڪيو ويو جڏهن ته وڌيڪ قانونسازي ايف اي ٽي ايف جي ضرورت هئي. ان ??انونسازي ۾ پاڪستان ??سلم ليگ ۽ اپوزيشن جيڪو ڪردار ادا ڪيو، مثبت قدم کنيو اها خوش آئنده ڳالهه آهي. جمهوريت جي ارتقا جي عڪاسي آهي. ڪجهه پارٽيون سياسي مفادن ۽ تنگ نظري کان ??ٿانهون ٿي ان جو ساٿ ڏين ها ته ان جو نقصان ??ه ٿئي ها ملڪ کي فائدو ٿئي ها. ڪشمير تڪرار تي ڪا ٻي راءِ نه آهي. سمورين حڪومتن ڪشمير مسئلي تي هڪ جهڙائي ڏيکاري. سياسي سوچ جدا هجڻ جي باوجود سينيٽ ۽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ متفقه قرارداد پيش ڪئي وئي. اهو انهن ڪشميرين جي لاءِ پيغام آهي هو جيڪي اميد ڪن ٿا ته درد ۽ ڪرڀ جي ان صورتحال ۾ پاڪستاني عوام انهن سان گڏ بيٺل هوندي.