اسلام آباد – 22 جول??ءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو دورو ڪيو. اين سي او سي جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل حمود زمان خان صدر جو استقبال ڪيو. ان موقعي قومي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير سيد فخر امام، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي وارو وفاقي وزير پير نور الحق قادري، اين ڊي ??يم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ۽ سرجن جنرل ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر به موجود هئا. وزيراعظم جي قومي صحت بابت خاص مد??گا?? ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اين سي او سي مان ج??ري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن و??ري وفاقي وزير اسد عمر ۽ ڊائريڪٽر جنرل آپريشن اينڊ پلاننگ، اين سي او سي ميجر جنرل آصف محمود گورائيه ڪورونا وائرس جي صورتحال جي مختلف پاسن، اين سي او سي جي فيصلن تي عملدرآمد، ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۽ وفاقي ڌري?? جي وچ ۾ شاندار جامع طريقيڪار بابت بريفنگ ڏني، صدر کي ڪورونا وائرس جي چئلينج کي منهن ڏيڻ، صحت جي پروفيشنلز جي صلاحيت ۾ اضافو، ڪورونا مريضن ل??ءِ بيڊز جي دستيابي ۾ اضافو، اهم دوائ?? جي بنا رنڊڪ فراهمي، ڪورونا جي مريض?? جي نشاندهي ۽ رابطن بابت ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ملڪ ۾ صحت جي نظام ۾ بهتري ل??ءِ قدمن کان آگاهه ڪيو ويو.