اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن ??ينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 65 ماڻهو فوت ٿ??ا، هڪ ڏينهن ۾ 23 هزار 569 ٽيسٽ ڪيا و??ا، هڪ لک 53 هزار 134 ماڻهو ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن. اين سي او سي موجب بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪو ??ري?? وينٽي ليٽر تي نه آهي. سڄي ملڪ ۾ 394 ڪورونا ??ري?? وينٽي ليٽرز تي آهن جڏهن ته ڪورونا ??ري??ن جي لاءِ 1568 وينٽي ليٽرز رکي?? ويا آهن. هن وقت سڄي ملڪ ۾ 2 لک 46 هزار 351 تصديق ٿيل ڪيسز آهن جن ۾ آزاد ڪشمير جا 1532، بلوچستان جا 11 هزار 128، گلگت بلتستان جا 1630، اسلام آباد جا 13 هزار 927، خيبرپختونخواهه جا 29 هزار 775، پنجاب جا 85 هزار 991 ۽ سنڌ جا هڪ لک 23 هزار 68 ڪيسز شامل آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا کان هيستائين 5 هزار 123 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين 15 لک 38 هزار 427 ڪورونا ٽيسٽ ڪي?? ويا آهن. ملڪ جي 733 اسپتالن ۾ 4254 ??ري?? علاج هيٺ آهن.