اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گرين پاڪستان پروگرام تحت ملڪ ۾ ”پروٽيڪٽڊ ايريا انيشيٽو“ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هن اها منظوري وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت صلاحڪار ملڪ امين اسلم سان ملا??ات جي موقعي تي ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب اها ملا??ات گذريل مهيني وزيراعظم طرفان منظور ڪيل ان پيڪيج جي تسلسل ۾ هئي جنهن ۾ ڪووڊ 19 سبب بيروزگاري کي منهن ڏيندڙ 65 هزار نوجوانن، ڏه??ڙيدارن جي سڄي ملڪ ۾ وڻڪاري ۾ خدمتون حاصل ڪرڻ شامل آهي.