اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وفاقي ڪابينا انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پهريون ڀيرو بلڊرز ۽ ڊويليپرز لاءِ فڪسڊ ٽيڪس رجيم متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن تحت في چورس فوٽ/في چورس گز جي بنياد تي فڪسڊ ٽيڪس لاڳو، سيمينٽ ۽ اسٽيل کانسواءِ سموري سامان تي ڪو به ود هولڊنگ ٽيڪس نه هوندو. سروسز (خدمتن) جي فراهمي تي ود هولڊنگ ٽيڪس کان ڇوٽ، بلڊرز ۽ ڊويلپرز جيترو ٽيڪس ادا ڪندا ان جو ڏهُون تي آمدني/منافعي جو ڪريڊٽ وصول ڪري سگهن ٿا، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي گهٽ لاڳت وارن گهرن جي لاءِ ٽيڪس 90 سيڪڙو تائين گهٽ ڪيو ويو آهي، پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ وفاقي گادي واري شهر جي حدن ۾ ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس (CVT) کان آجو قرار ڏنو ويو آهي، ۽ نون ۽ جاري منصوبن کي آءِ آر آءِ ايس ويب پورٽل جي ذريعي فيڊرل بورڊ آف روينيو تي رجسٽرڊ ڪرائڻو ??ون??و، ميڊيا ڪورونا وائرس جي خلاف وڙهڻ ۽ عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجي اسڪرين جي ذريعي پيغام کي عام ڪري، ڪورونا وائرس کان احتياط ئي واحد علاج آهي، هلندڙ هفتي ڊاڪٽرن ?? پيراميڊيڪس کي ذاتي تحفظ جا اوزار (پي پي ايز) جي فراهمي جو عمل مڪمل ڪيو ويندو، ايندڙ ??رح??ي ۾ صحافي?? ۽ ??يڊيا ورڪرز کي پريس ڪلبز جي ذريعي پي پي ايز فراهم ڪنداسين، ??و نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ ميڊيا ادارن ?? ذاتي تحفظ جا اوزار (پي پي ايز) ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.