سيالڪوٽ – 05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اٽي ۽ کنڊ جي مصنوعي کوٽ پيدا ڪرڻ جي ذميوارن جي رپورٽ عام ڪر?? هڪ جهڙو قانون لاڳو ڪرڻ جو واعدو پورو ڪيو آهي، وزيراعظم پنهنجي پارٽي کان خود احتسابي جو عمل شروع ڪر?? ڇڏيو، فرانزڪ آڊٽ ذريعي سموريون حقيق??ون عوام تائين پهچايون وينديون ۽ جيڪي ذميوار هوندا انهن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي، شريف گروپ جي حقيقت به هن رپورٽ ظاهر ڪر?? ڇڏي آهي، رپورٽ تي تنقيد کان اڳ شهباز شريف کي پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائڻ گهرجي، وزيراعظم پورهيتن جي لاءِ ارب??ن رپين جو مثالي پئڪيج ڏنو، عالمي معاشي بحران جي ڪر?? پاڪستاني صنعتڪار به مشڪلاتن جو شڪار آهن، منافعي خوري ۽ مصنوعي کوٽ پيدا ڪندڙن تي ڪڙيءَ نظ?? رکي ويندي. هو سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.