اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي ??ي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته هن وقت ڪورون?? وائرس دنيا جي 186 ملڪن ۾ پکڙجي چڪو آهي ۽ 2 لک 77 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته سڄي دنيا ۾ ڪورون?? وائرس سبب 11431 فوتگيون ٿيون آهن، 2 لک 77 هزار ڪيسن مان 92 هزار مڪمل طور تي صحتياب ٿي چڪا آهن. ڪورون?? وائرس سبب صحتيابيءَ جو تناسب 97،98 سيڪڙو ??هي. وزيراعظم جي قومي سلامتيءَ بابت صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضال سان گڏ ميڊيا بر??فن?? کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت ڪورون?? وائرس جي شڪي ڪيسن جو انگ 4046 ??هي.