اسلام آباد – 04 مارچ (ا?? پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فرد??س عاشق اعواڻ چيو آهي ته اسلامي تعاون تنظيم او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي خصوصي نمائندي جو ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي حق ۾ بيان واکاڻ جوڳو آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب والاريل ڪشمير جي حل ۽ او آءِ سي جي قراردادن تي عملدرآمد جي مطالبي جي آجيان ڪريون ٿا، اسلامي ملڪن جي نمائنده تنظ??م جو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام س??ن يڪجهتي جو اظهار انهن مظلومن جي لاءِ حوصلي جو سبب آهي. خاص مددگار ڊاڪٽر فرد??س عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته او آءِ سي جي مسئلو ڪشمير تي ڪشميرين ۽ پاڪستان جي اصولي موقف جي اڻٽر حمايت واکاڻ جوڳي آهي.