ملتان – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سمورن ادارن سان مثالي لاڳاپا آهن، حڪومت کان ٻاهر ويٺل ماڻهن جي لاءِ رڳو صبر جي دعا ??ري سگهان ٿا، حڪومت ختم ٿيڻ جي اپوزيشن جي خواهش پوري نه ٿي سگهندي، لولي لنگڙي اپوزيشن کان حڪومت کي ڪو خطرو نه آهي، آئيني مدو پورو ڪنداسين، اڳيون وارو وري اسان جو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي چونڊ تڪ اين اي 156 ۾ مختلف جاين تي تقريب?? کي خطاب ڪندي ڪيو. شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته ڪورونا جي عالمي وبا پوري دنيا جي معيشت کي متاثر ڪيو آهي ۽ انهي جي ??ري عالمي منڊي ۾ ت??ل جون قيمتون وڌڻ سان اسا?? کي به پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻو پيو پر پوءِ به حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته عوام تي گهٽ کان گهٽ بار وڌو وڃي. مهانگائي موجوده حڪومت جي لاءِ وڏو چئلينج آهي، مهانگائي جا سبب ان جا اندروني ۽ ٻاهريان عمل ۽ انه?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي طئي ڪئي پئي وڃي ۽ اسان جي اقتصادي ٽيم ان تي هوم ورڪ ??ري رهي آهي جنهن جا انشاءَ الله مثبت نتيجا سامهون ايندا. معاشري جي محروم طبقي کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. ملڪي معيشت جي به??ري لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن. جنهن جا مثبت نتيجا سامهون ايندا. هن چيو ته خطي ۾ ۽ خاص طور تي افغانستان ۾ امن جي خواهش رکون ٿا. پاڪستان هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستانجا جو خواهشمند آهي. امن جو قيام خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي آهي. خطي ۾ امن قائم ٿيڻ سان تعمير ۽ ترقي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهندي، اسان خطي ۾ امن جي لاءِ وڏي قرباني ڏني آهي. اسان جي خواهش آهي ته افغانستان ۾ معاشي صورتحال نه بگڙي. ڪجهه قوتون افغانستان جون حالتون خراب ڪرڻ چاهين ٿيون. اسان چاهيون ٿا ته اهي امن مخالف قوتون جيڪي افغانستان جي خراب صورتحال مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا انه?? کي موقعو نه ملي سگهي. اسان عالمي برادري کي به اهڙين قوتن بابت آگاهه ??ري ڇڏيو آهي. پاڪستان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي مصالحتي ڪوششون جاري رکندو.