مڪو شريف- 28 جون (اي پ?? پي) سعودي عريبين اسڪائوٽس ايسوسيئيشن (ساسا) حاجي سڳورن جي سهولت ۽ مدد لاءِ ملڪ جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ 3500 کان وڌيڪ اسڪائوٽس مقرر ڪري ڇڏيا، خدمت جي جذبي سان سرشار ماڻهن جو هڪ وڏو انگ عمر يا جنس کان مٿانهون ٿي ڪري مڪي ۾ ذميواريون نڀائي رهي?? آهن ۽ پنهنج?? وقت ۽ توانائي حاجي سڳورن جي مدد لاءِ وقف ڪري رهي?? آهن، ساسا موجب اسڪائوٽس جي عمر جي ٻن گروپن ۾ درجا بندي ڪئي وئي آهي، اعليٰ درجي جي اسڪائوٽ ڪيٽيگري 15 ۽ 17 جي وچ ۾ اسڪائوٽ ميمبرن تي ٻڌل هوندي آهي، رينجرز جي ڪيٽيگري جي ذمري ۾ 18 کان 22 سالن جي عمر جا ماڻهو شامل هوند?? آهن جن ۾ اسڪائوٽ ليڊرز جن ۾ 150 عورتون به شامل آهن، اسڪائوٽس حاجي سڳورن جي رهنمائي ڪندي انهن جي مدد ڪندي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بنائيند?? آهن ته کين مقدس ماڳن يا انهن جي مقرر ڪيل ڪيمپن تائين پهچڻ ۾ مشڪل پيش نه اچي، اسڪائوٽس کي حڪومت جي لاڳاپيل ادارن تحت ورهايو ويو آهي ۽ اهي حج ۽ عمري واري وزارت، صحت واري وزارت، واپار واري وزارت، مڪه ميونسپلٽي، حج سيڪيورٽي فورسز ۽ ڪنگڊم آف سعودي عرب پروجيڪٽ فا?? دي يوٽيلائيزيشن آف هدي وغيره جي انتظام هيٺ فرض سرانجام ڏيند?? آهن.