راولپنڊي-02 جنوري (اي پي پي) 9 مئي 2023ع واري سانحي جي 19 ڏوهارين جي س??ائ?? ۾ معافي جو اعلان ڪيو ويو آهي. س??ائ?? تي عملدرآمد دوران ڏوهارين قانوني حق استعمال ڪندي رحم ۽ معافي جون درخواستون داخل ڪيون هيون، پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب گڏيل طور تي 67 ڏوهارين رحم جون درخواستون داخل ڪيون هيون، 48 درخواست?? کي قانوني ڪارروائي لاءِ ڪورٽس آف اپيل ۾ نظرثاني لاءِ موڪليو ويو، 19 ڏهارين جي درخواست?? کي انساني بنيادن تي قانون موجب منظور ڪيو ويو آهي. داخل ڪيل رحم وارين درخواستن تي عملدرآمد مقرر مدي ۾ قانون موجب ڪيو ويندو. ڏوهاري?? کي باضابطه ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ آزاد ڪيو پيو وڃي، سمورن ڏوهارين وٽ اپيل ڪرڻ ۽ قانون ۽ آئين موجب ٻيا قانوني حق برقرار آهن. واضح رهي ته ان کان اڳ اپريل 2024ع ۾ قانون موجب انساني همدردي جي بنياد تي 20 ڏوهاري?? کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.