اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي ??زير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اهم گهڻ رخي ۽ ٻطرفي مشنز ۾ پاڪستان جي سفيرن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري ۽ وزارت جي سينيئر ڊائريڪٽر جنرلز پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سفيرن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي بابت پنهنجي جائزي، خيالن ۽ 2025ع ۽ ان کانپوءِ جي پرڏيهي ??اليسي جي ترجيحن تي پنهنجي راءِ پيش ڪئي. ان موقعي تي پنهنجي اهم خطاب ۾ نائب وزيراعظم/ پرڏيهي ??زير ٻطرفي ۽ گهڻ رخن ۾ هڪ متحرڪ پرڏيهي ??اليسي جو ويزن شيئر ڪيو. هن سڄي دنيا جي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط ب??ائ?? جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪندي سفيرن تي زور ڏنو ته اهي ??اڪستان جي عالمي ساک ??ي وڌائڻ ۽ ان جي عالمي حصيداري کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پاڪستان جي سفيرن جو ساليانو اجلاس پرڏيهي ??زارت ۾ هڪ باقاعده ايونٽ آهي جنهن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي ??اليسي جي مختلف رخن ۽ ان کي ٺوس لاڳو ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وڃي ٿي.