اسلام آباد-26 ڊسمبر(اي پي پي) گهرو معاملن وار?? وفاقي وزير محسن نقوي شهرين کي جديد سهولتون ڏيڻ لاءِ اسٽيٽ آف دي آرٽ پاسپورٽ اينڊ اميگريشن هيڊ ڪوارٽرز جي عمارت ۽ اسلام آب??د ريجنل پاسپورٽ آفيس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير اعلان ڪي?? ته اسلام آب??د ريجنل پاسپورٽ آفيس هاڻي 24 ڪلاڪ کليل رهندي. هن ٻڌاي?? ته ملڪ جي 14 شهرن ۾ نادرا جا7/24 ميگا سينٽر قائم ڪيا ويا آهن جتي شهرين کي پاسپورٽ ٺهرائڻ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.محسن نقوي چي?? ته ڪراچي ۽ لاهور ۾ پڻ ماڊل پاسپورٽ سينٽر ٺاهيا ويندا.هن ٻڌاي?? ته هاڻي پاسپورٽ بيڪ لاڪ مڪمل طور تي ختم ٿي چڪو آهي ۽ شهرين کي مقرر وقت ۾ پاسپورٽ فراهم ڪيا ويندا. گهرو وزير چي?? ته پاسپورٽ جو ڇهه/ڇهه مهينن جو بيڪ لاڪ هوندو آهي. هن ڪراچي ۽ لاهور جي تازن دورن جو ذڪر ڪندي چي?? ته پاسپورٽ ۽ نادرا سينٽرن ۾ رش کانسواءِ خدمتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ عوام انهن خدمتن تي ا??يمنان جو اظهار ڪيو آهي.محسن نقوي چي?? ته ايف آءِ اي پاسپورٽ آفيس ٻاهران موجود ايجنٽ مافيا خلاف ڪاروائي ڪري رهي آهي. هن ڊي جي پاسپورٽ ۽ ٻئي عملي جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي کين مبارڪون پيش ڪيون. افتتاحي تقريب ۾ چيئرمين نادرا ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افضل، رفعت مختار راجا، چيف ڪشنر اسلام آباد محمد علي رنڌوا ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. گهرو وزير پاسپورٽ پروڊڪشن جي ??ون سيڪشنن جو پڻ دورو ڪيو ۽ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ عملي کي ا??زازي شيلڊ ۽ روڪ رقم انعام طور ڏني.