اسلام آباد– 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپ?? کي و??يڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ سعودي عرب سان پارلياماني تعاون ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ک?? وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون وڌائڻ جي و??يڪ گنجائش موجود آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سعودي عرب جي شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن شوريٰ ڪائونسل جي ميمبرن سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، پ??ڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نوفاد بن سعيد المالڪي، پ??رليامينٽ ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. صدر سعودي عرب سان اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي لاڳاپا و??يڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته سعودي عرب سان پارلياماني تعاون سان پاڪ – سعودي عرب ڀائراڻا لاڳاپا و??يڪ مضبوط ٿيندا، پ??ڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت تي قائم آهن. صدر بيگناهه شهري?? کي نشانو بڻائڻ ۽ اسرائيلي جارحيت سان پيدا ٿيندڙ وچ اوڀر جي سنگين صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان فلسطين، لبنان ۽ شام سان تعلق رکندڙ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي. صدر خادمين حرمين شريفين ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته پاڪستاني عوام شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي صحت، تندرستي ۽ وڏي عمر جي لاءِ دعاڳو آهي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين پراڻي ٻطرفن لاڳاپ?? کي و??يڪ مضبوط ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سعودي عرب جي شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ پنهنجي پاڪستان جي دوري کي انتهائي لاڀائتي قرار ڏيندي چيو ته سندس پاڪستان جي قيادت ۽ پارليامينٽ ميمبرن سان لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين شاهه سلمان ۽ شهزاده محمد بن سلمان پاران صدر جي صحت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.