اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته يونان ۾ ٻيڙين جي اونڌي ٿيڻ جي واقعن ۾ فوت ٿيندڙن مان چئن پاڪستاني شه??ين جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. پنهنجي بيان ۾ ترجمان چيو ته اسان گهري ڏک سان اعلان ڪريون ٿا ته يوناني عملدارن پاران شيئر ڪيل تازه ت??ين معلومات موجب ڇنڇر ڏينهن يونان جي جزيري ڪريٽ جي ڏکڻ ۾ ٻيڙين جي اونڌي ٿيڻ جي واقعن ۾ فوت ٿيندڙن مان چئن پاڪستاني شه??ين جي سڃاڻپ ٿي آهي. ترجمان چيو ته ايٿنز ۾ اسان جو م??ن يوناني عملدارن سان رابطي ۾ آهي ته جيئن بچي ويلن کي سهولت فراهم ڪري سگهجي ۽ لا??ن کي وطن واپس آڻي سگهجي.