اسلام آباد– 16 – ??سم??ر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 18 کان 20 ??سم??ر تائين مصر جو سرڪاري دورو ڪندو، هو قاهره ۾ منعقد ٿيندڙ اسرندڙ 8 ملڪن (ڊي ايٽ) جي 11هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بي??ن موجب سربراهه اجلاس کان اڳ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 18 ??سم??ر تي ڊي ايٽ ج?? وزيرن واري ڪائونسل جي 21هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. بي??ن موجب 11هين ڊي ايٽ سمٽ ج?? ٿيم ”نوجوانن ۾ سيڙپڪاري ۽ ايس ايم ايز کي سپورٽ ڪرڻ: سڀاڻي جي معيشت جي جوڙجڪ“ آهي. سربراهه اجلاس ۾ وزيراعظم هڪ مضبوط ۽ جامع معيشت جي تعمير جي لاءِ نوجوانن ۽ ايس ايم ايز ۾ سيڙپڪاري جي اهميت، نوڪريون پيدا ڪرڻ، جدت کي اڳتي وڌائڻ ۽ مقامي انٽر پرينيورشپ کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندو. هو ڊي ايٽ ج?? نظرين ج?? لاءِ پاڪستان ج?? مضبوط عزم جو اظهار، گڏيل فائدي ۽ خوشحالي جي لاءِ حصيداري کي فروغ ڏيڻ سميت زراعت، خوراڪ جي حفاظت ۽ سياحت ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي پڻ زور ڏيندو. وزيراعظم نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ مالياتي ترقي جي لاءِ پاڪستان ج?? ترغيبن تي پڻ روشني وجهندو. هو وچ اوڀر ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي لاءِ غزه ۽ لبنان ۾ انساني بحران ۽ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي ڊي ايٽ ج?? خصوصي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم فلسطين ج?? صورتحال تي پاڪستان ج?? اصولي موقف کي اجاگر ڪندو ۽ وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ تي زور ڏيندو. سربراهه اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن.