اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام کي انهن جي 53هين قومي ڏينهن تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي يو اي اي جي ترقي ۽ خوشحالي جي شاندار سفر تي فخر آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو ته يو اي اي جو ترقي ۽ خوشحالي جو اهو سفر شيخ زايد بن سلطان النهيان مرحوم جي ڏاهپ سان ئي ممڪن ٿيو، جدت جي ان ويزن کي شيخ محمد بن زيد النهيان ۽ شيخ محمد بن راشد آل مڪتوم اڳتي وڌايو آهي. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان سدائين يو اي اي ج?? ثابت قدم ڀاءُ ۽ حص??دار رهيو آهي، اسان پنهنجي تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ انهن کي ڪارائتي اقتصادي حص??داري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪن??ا رهنداسين.