اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ يونيورسٽي آف سرگوڌا ۾ ڪميونيڪشن شعبي اينڊ ميڊيا اسٽڊيز جي شاگردن کي انٽرن شپ جا موقعا فراهم ڪرڻ، نيوز رائٽنگ، رپورٽنگ ۽ صحافت جي ??ختلف رخن ۾ تربيت فراهم ڪرڻ جي ??اءِ مفاهمت جي ??ادداشت تي صحيحون ڪيون ويون آهن. ايم او يو تي اي پي پي جي ??ئنيجنگ ڊائريڪٽر ??حمد عاصم کچي ۽ سرگوڌا يونيورسٽي جي ??ائيس چانسلر ملڪ قيصر عباس هڪ باضابطا اجلاس ۾ صحيحون ڪيون. ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ??يان غلام ياسين، ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز شعبي جو چيئرپرسن ڊاڪٽر ??دثر حسين شاهه ۽ شاگردن جو وڏو انگ پڻ موجود هو. معاهدي موجب سرڪاري خابرو اداري (اي پي پي) ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ جي شاگردن کي موقعا فراهم ڪندو ۽ انهن کي رپورٽنگ جي تربيت فراهم ڪندو. اي پي پي يو ايس ٽي وي ۽ وي او وي ايف ايم 98.2 کي پنهنجي ??يوز پروگرامن ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي ??اءِ پنهنجي ??يوز ڪريڊ تائين خصوصي پهچ فراهم ڪندي. جڏهن ته ٻئي ڌريون گڏيل طور تي تربيتي ورڪشاپس ۽ ميڊيا بابت ٻين سرگرمين جو اهتمام ڪنديون.
تقريب کي خطاب ڪندي اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي چيو ته ايم او يو سان تعليمي علم ۽ ميڊيا پريڪٽسز جي ??چ ۾ فرق کي ختم ڪري سگ??بو. اهو ميڊيا جي شاگردن کي صحافت ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جي ??اءِ ضروري مهارتن سان ليس ڪندو، جنهن سان انهن کي چٽاڀيٽي واري ميڊيا جي ??نظرنا??ي ۾ برتري حاصل ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جي حصيداري هڪ بهترين ۽ پيشيواراڻي طور تي تربيت يافته افرادي قوت تيار ڪرڻ جي ??اءِ ضروري آهي جيڪا معاشري ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪري سگ??ي ٿي. عاصم کچي ميڊيا ۾ ايندڙ تبديلين تي پڻ روشني وڌي. هن چيو ته ”ڊيجيٽل ميڊيا اسان جي استعمال ۽ خبرن جي تياري جي طريقي کي نئين شڪل ڏئي رهي آهي، جنهن سان اڄ جي صحافين جي ??اءِ موقعا ۽ چئلينجز ٻئي پيدا ٿي رهيا آهن. اي پي پي جي ??ئنيجنگ ڊائريڪٽر چيو ته روايتي کان ڊيجيٽل ميڊيا طرف منتقل ٿيڻ جي ??اءِ چٽاڀيٽي، فني مهارت ۽ ناظرين جي ??ڌندڙ ضرورتن جي گهري تفهيم جي ضرورت آهي. هن چيو ته هي ايم او يو شاگردن کي ان متحرڪ منظرنا??ي ۾ تيار ڪندو ۽ انهن کي مستقبل جي ??اءِ تيار ميڊيا پروفيشنلز بڻجڻ جي ??اءِ بااختيار بڻائيندو. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر قيصر عباس سرڪاري خابرو اداري (اي پي پي) ۽ ميڊيا ڊپارٽمينٽ جي ??چ ۾ تربيتي معاهدي جي آجيان ڪئي. هن چيو ته اهڙي طرح جا معاهدا هڪ ٻئي جي تجربن جي ??ٽاسٽا ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته اي پي پي نه رڳو سڄي ملڪ ۾ پر پوري دنيا ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن يونيورسٽي جي شاگردن کي سکڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ تي اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان سرگوڌا جو اسٽيشن انچارج مخدوم شاهه لطيف، اي پي پي ايمپلائيز يونين اسلام آباد جي صدر خضر زمان ملڪ، سيڪريٽري ايم ڊي ملڪ سليم اعواڻ، اي پي پي ايمپلائيز يونين جو جنرل سيڪريٽري ملڪ نديم حسين، اي پي پي پينل جا صحافي اطهر نديم، راڻا محمد وقاص، تنوير احمد قريشي پڻ موجود هئا.