اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ا??ٽاڪ ايڪسچينج جي سئو انڊيڪس جا هڪ لک پوائنٽ?? عبور ڪرڻ تي سڄي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج جو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ لک پوائنٽ?? عبور ڪرڻ حڪومتي پاليسين تي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو، انتشاري ٽولي جي ويندي ئي مثبت رجحان ??اپس آيو، ملڪي استحڪام ۽ ترقي جا دشمن ملڪ کي ٻيهر ڊي ريل ڪرڻ جي ناڪام ڪوششون ڪري رهيا آهن، انهن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم ان سنگ ميل کي عبور ڪرڻ تي حڪومتي معاشي ٽيم ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ ??صروف عمل عملدارن کي خراج تحسين ڪندي چيو ته مُون پنهنجي قوم سان ??چن ڪيو هو ته ملڪي معاشي استحڪام ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ ??ر ممڪن قدم کڻندس. هن چيو ته پاڪستان کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ اسان ??نهنجي سياست جي قرباني ڏني، الله جي فضل ۽ ڪرم سان ا??ان جي قرباني ضايع نه وئي. وزيراعظم چيو ته ملڪي استحڪام ۽ ترقي جا دشمن ملڪ کي ٻيهر ڊي ريل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي، وياج 15 سيڪڙو تي ۽ مٽاسٽا جو ناڻو رڪارڊ سطح تي پهچي ويا هئا، وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ ائين ئي محنت ڪندا رهنداسين ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي دشمنن کي پنهنجي ڪڌن مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.