اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار ??يا?? صادق سرينگر ھاءِ وي تي رينجرز ۽ پوليس جي اھلڪارن سان پيش آيل اڻوڻندڙ واقعي جي مذمت ڪندي چيو آھي ته شھيد جوانن پنھن??ا فرض نڀائيندي ملڪ لاءِ پنهنجين حياتين جو نذرانو ڏنو. پنھنجي پيغام ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار ??يا?? صادق واقعي ۾ رينجرز ۽ پوليس اھلڪارن جي ج??ني نقصان تي گھري ??ک جو اظھار ڪيو ۽ سندن وارثن سان دلي تعزيت ۽ ھمدردي جو اظھار ڪيو. ھن چيو ته شھيدن جي وارثن جي غم ۾ برابر جو شريڪ آھيان. ھن چيو ته رينجرز ۽ پوليس جي شھيد اھلڪارن جي ??يش??وارڻين خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو. ھن چيو ته رينجرز ۽ پوليس جي شهيد اھلڪارن جي قرباني کي ھميشه ياد رکيو ويندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پوليس ۽ رينجرز جي زخمي ٿيل اھلڪارن کي بھترين طبي سھولتون فراھم ڪرڻ جي ھدايت ڏني آھي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر رينجرز ۽ پوليس جي شھيد ٿيل اھلڪارن جي درجن جي بلندي ۽ گھرڀاتين لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي.