راولپنڊي-04 نومبر (اي پي پي)خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ نه صرف ص??بي پر ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ضروي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽر?? طرفان پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل استقباليه کي خطاب دوران ڪيو. تقريب کي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ جي صدر عثمان شوڪت، اڳوڻي صدر ارشد مشهدي، وومن چيمبر آف ڪامرس جي صدر قرة العين ۽ ٻين عهديدارن پڻ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. گورنر چيو ته ڪي پي ڪي جي وچ ايشيا سان واپار جي ستن روٽن مان اسان کي فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته تاجڪستان بندر عباس کان واپار ڪري ٿو، جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ گوادر سان هو ڳنڍيل هجي ها ته ان کي گهٽ وقت ۾ عالمي مارڪيٽ تائين رسائي حاصل ٿيندي ۽ اسان کي به معاشي فائدو ٿيندو. قيمتي پٿرن جي سڀ کان وڏي مارڪيٽ ڪي پي ڪي ۽ پشاور ۾ آهي، دنيا اسان س??ن واپار ڪرڻ چاهي ٿي پر ڪي پي ڪي ۾ بدقسمتي سان امن امان جي صورتحال ان جي راهه ۾ رنڊڪ آهي. هن چيو ته پشاور ۽ گورنر هائوس جا در??ازا سڄي ملڪ جي ڪاروباري طبقي لاءِ کُليل آهن، منهنجو سهڪار اوهان س??ن گڏ آهي. هن راولپنڊي وومن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ميمبرن کي دعوت ڏني ته هو ڪي پي ڪي وومن چيمبر آف ڪامرس سان سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪن، گورنر هائوس ان سلسلي ۾ اوهان جو ساٿ ڏيندو. هن چيو ته پشاور ۾ ايڪسپو سينٽر بڻائڻ جي حوالي سان مان واپار واري وزارت جو ٿورائتو آهيان، ان س??ن ص??بي جي سُڃاڻپ روشن ٿيندي. واپار?? اڳواڻن ملڪ جي ترقي ۾ پ پ جي قيادت جي ڪردار کي ساراهيو، هن معاشي ترقي جون ڪيتريون ئي تجويزون پڻ پيش ڪيون.