اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) پوليو جي روڪٿام بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو آهي ته ٽين مل?? گير پوليو جي روڪٿام واري مهم جاري آهي، سڄي مل?? ۾ 4.5 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻ??رن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. پوليو ورڪرز 3 نومبر تائين سڄي مل?? جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هر گهر وڃي 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻ??رن کي پوليو جا بچاءَ جا ڦڙا پيئاريندا. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پوليو جي خاتمي جي پختي عزم سان پاڪستان پوليو پروگرام گذريل ڏينهن سڄي مل?? ۾ پوليو مهم جي شروعات ڪئي هئي جنهن جو اڱاري ڏينهن ٻيو ڏينهن هو. ان مهم جو هدف سڄي مل?? ۾ 4.5 ڪروڙ ٻ??رن تائين پهچ حاصل ڪرڻ آهي. سڄي مل?? ۾ پوليو مهم 28 آڪٽوبر کا?? 3 نومبر تائين جاري رهندي، ج??هن ۾ ٻ??رن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريندا ويندا. ان کان علاوه ٻ??رن جي قوتِ مدافعت مضبوط ڪرڻ لاءِ وٽامن اي جي اضافي خوراڪ به ڏني ويندي. هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ پوليو پروگرام وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ ٻ??رن کي پوليو سبب ٿيندڙ معذوريءَ کان محفوظ رکڻ لاءِ نئين جذبي ۽ عزم سان ڪم ڪري رهيو آهي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجن ٻ??رن جي ويڪسينيشن کي ترجيح ڏين. هن چيو ته وائرس 71 ضلعن ۾ ڦهلجي چڪو آهي ۽ اهو هڪ حقيقي خطرو آهي. والدين طور اها اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان پنهنجي ٻ??رن جو تحفظ يقيني بڻايون. ان موقعي تي پوليو جي روڪٿام بابت قومي ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ڪوآرڊينيٽر ڪئپٽن (ر) محمد انوار الحق والدين تي زور ڀريو ته هو پوليو ورڪرز سان مڪمل سهڪار ڪن. هن چيو ته پوليو هڪ لاعلاج مرض آهي، ج??ڪڏهن پوليو ويڪسين ڪرائي وڃي ته اسان پنهنجي ٻ??رن کي ان موذي مرض کان محفوظ رکي س??هون ٿا. پوليو مهم دوران ۽ بعد ۾ صحت تحفظ هيلپ لائن 1166 ۽ 24 ڪلاڪ واٽس ايپ هيلپ لائن 03467776546 والدين ۽ ٻين جي رهنمائيءَ لاءِ دستياب رهندو. هتي نه صرف پوليو ويڪسين کان محروم رهجي ويل ٻ??رن جو اطلاع ڏئي س??هبو پر ٻي ڄاڻ به حاصل ڪري س??هبي.