اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جو سموآ جي ڳوٺ فاگالي جي ماڻهن پاران شاندار استقب??ل ڪيو ويو جيڪو دولت مشترڪه جي حڪومتي سربرا??ن جي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب سموآ جي عورت??، ڪميونٽيز ۽ سماجي ترقي بابت وزير مليپولا اناروسا الي موليو ۽ فاگالي ڳوٺ جي بزرگن ۽ نوجوانن فاگالي ڳوٺ ۾ نائب وزيراعظم جو شاندار استقب??ل ڪيو. ڳوٺ جي گهٽين کي پاڪستان جي قومي رنگن سائي ۽ اڇي سان سجايو ويو آهي. مقامي ڪميونٽي روايتي ساموئي ثقافت ۽ رقص جي نمائش ڪئي جيڪا پاڪستان ۽ سموآ سميت دولت مشترڪه جي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط رشتي جي علامت آهي. نائب وزيراعظم فاگالي ڳوٺ جي ماڻ??ن جي ميزباني ۽ پيار کي ساراهيندي مقامي اسڪول جي لاءِ رنگ روغن جي پئڪيج جو اعلان ڪيو.