اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان ??نظيم جي ٻين ميمبر ملڪن ۽ خ??ي جي وسيع تر مفاد تحت تنظيم جي ترقياتي ترجيحن جي فروغ جي لاءِ سچي دل سان ڪم ڪندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??نگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل زانگ منگ وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. زانگ منگ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن (سي ايڇ جي) جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد آيل هو. شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل جي جولاءِ 2022ع ۾ پاڪستان ??و دورو ڪرڻ جو ذڪر ڪندي وزيراعظم اسلام آباد ۾ سندس آجيان ڪئي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ اجلاس جي انعقاد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم سيڪريٽريٽ پاران پاڪستان کي فراهم ڪيل تعاون تي سندس ٿورا مڃيا. شنگهائي تعاون تنظيم جي چارٽر تي پاڪستان ??ي عزم جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي خاطري ڪرائي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ميمبر ملڪن ۽ خ??ي جي وسيع تر مفاد جي لاءِ تنظيم جي ترقياتي ترجيحن جي فروغ جي لاءِ دل سان ڪم ڪندو رهندو. هن وڌيڪ چيو ??ه پاڪستان ??يس سي او ميمبر ملڪن سان گڏ تنظيم کي وڌيڪ موثر ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. وزيراعظم ايس سي او جي عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان ??انگ منگ جي محنت ۽ شاندار خدمتن تي سندس ٿورا مڃيا ۽ سندس مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. زانگ منگ وزيراعظم کي شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ اجلاس جي ڪامياب انعقاد ۽ ان ??ي مثبت نتيجن تي مبارڪباد ڏني. هن ايس سي او جي سڀني شعبن ۾ پاڪستان ??ي تعميري حصيداري کي ساراهيو ۽ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ چيئر طور پاڪستان ??ي قائداڻي ڪردار تي اطمينان ??و اظهار ڪيو.