اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي ??يمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جو 23 هون اجلاس اڱارو 15 آڪٽوبر کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو، اجلاس ۾ واپار ۽ معيشت تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ ثقافتي را??طن ۽ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون. شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن جا نمائندا اڳ ۾ ئي گادي واري هنڌ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. پرڏيهي مهمانن جي آجيان لاءِ رنگ برنگي روشنين، گلن جي سجاوٽ ۽ ايس سي او ملڪن جي جهنڊن ۽ بي??رن سان شهر جي رونق ٻيڻي ٿي وئي آهي. ايل اي ڊي ڊسپلي اسڪرينون اسلام آباد جي ??رڪزي چونڪن تي لڳايون ويون آهن. سڄي شهر جي اهم هنڌن کي رنگ برنگي روشنين ۽ پاڪستاني جهنڊن سان سجايو ويو آهي. چين جي اسٽيٽ ڪائونسل جو وزيراعظم لي ڪيانگ هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ گادي واري هنڌ پهچي چڪو آهي، جتي هو پاڪستان جي سول ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ??ين اعليٰ ترين فورم ايس سي او سي ايڇ جي ??ن ڏينهن واري اجلاس جي صدارت وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪائونسل جي ??وجوده چيئرمين جي حيثيت سان ڪندو. سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ شنگهائي سهڪار تنظيم جي ??يمبر ملڪن جي سربراهن ۾ چين جو وزيراعظم اسٽيٽ ڪائونسل چي چيانگ، بيلا روس جو وزيراعظم رومان گولوف چينڪو، قازقستان جو وزيراعظم اولڙاس بيڪ تينوف، روس جو وزيراعظم ميخائيل مشوستن، تاجڪستان جو وزيراعظم ڪوهر رسول زاده، ازبڪ وزير اعظم عبدالله اريپوف، ڪرغزستان جي ??زيرن واري ڪابينه جو چيئرمين ڙاپاروف اڪيل بيگڪ، ايران جو اول نائب صدر محمد رضا عارف ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر شامل آهن. ان کان علاوه منگوليا مبصر طور سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جنهن جي ??مائندگي وزيراعظم ڪري رهيو آهي، ترڪمانستان جي ??مائندگي خصوصي مهمان جي حيثيت ۾ وزيرن واري ڪابينه جو نائب چيئرمين را??د مريدوف ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين مهمانن ۾ ايس سي او جو سيڪريٽري جنرل جانگ منگ، ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ايس سي او ريجنل اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر رسلان مرزائيف، بورڊ آف ايس سي او بزنس ڪائونسل جو چيئرمين عاطف اڪرام شيخ ۽ ڪائونسل آف ايس سي او انٽر بيئنڪ يونين جو چيئرمين مارات ييلي بائيف شامل آهن. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ??يمبر ملڪن جا حڪومتي سربراهه ڪائونسل جي اجلاس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات ۽ سماجي ۽ ثقافتي را??طن جي شعبن ۾ جاري سهڪار تي ڳالهيون ڪيون وينديون ۽ تنظيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ??يمبر ملڪن جا اڳواڻ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تنظيم جي بجيٽ جي ??نظوري لاءِ اهم تنظيمي فيصلا ڪندا.