اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ??هي ته معاشري ۾ تعليم ۽ شعور سان امن کي هٿي ملي ٿي، نوجوان نسل کي تعليم ۽ تربيت سان ئي ملڪ ۽ قوم کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو?? سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا نوجوان نسل کي معياري تعليم سان گڏ ان جي ڪردار سازي تي به خاص ڌيان ڏين، والدين ۽ استادن جي پهرين ذميداري ??هي ??هي ته هو قوم جي نوجوانن کي امن، معاشرتي ادب، صبر ۽ تحمل سان اڳيان وڌڻ جو درس ڏين ته جيئن هڪ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ سان گڏوگڏ ملڪ کي ترقي يافته بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه راولپنڊي ۾ پنجاب ڪاليج ڊي 9 ڪيمپس ۾ انٽرميڊئيٽ جي ش??گر??ن کي ويلڪم ايونٽ ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ڊائريڪٽر پنج??ب گروپ آف ڪاليج چوڌري اڪرام، ڪي پي ڪي جي گورنر جي آجيان ڪئي ۽ ڪاليج جو دؤرو ۽ ش??گر??ن جي حوصله افزائي ڪرڻ تي سندن شڪريو ادا ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي گورنر چيو ته ڪنهن به معاشري کي جيڪڏهن مثالي بنائڻو هجي ته ان جي صرف تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏجي، معاشرو پاڻ ئي مثالي بڻجي ويندو. تعليم حاصل ڪرڻ جو مطلب صرف ڊگري وٺ?? ناهي پر ان سان گڏوگڏ معاشري جي اصلاح، تعمير ۽ تهذيب سکڻ به شامل ??هي ته جيئن ش??گر?? پنهنجي ديني، معاشرتي روايتن ۽ قدرن جو خيال رکي سگهن. هن خطاب ڪندي چيو ته انٽرميڊيئيٽ اوهان جي تعليمي سفر جو سڀ کان اهم حصو آهي، ان جي ڪارڪردگي اوهان جي ايندڙ سفر جو تعين ڪندي، جيڪڏهن توهان هتي تعليمي ڪارڪردگي ڏيکاريندا ته اوهان جي منزل آسان ٿي ويندي.