اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (ا?? پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين 12 ربيع الاول جي مبارڪ ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني قوم ۽ مسلم اُمت کي مبارڪبون پيش ڪندي چيو آهي ته اسلام جي حقيقي تصور کان روشناس ٿيڻ لاءِ اسان کي سيرت طيبه صلي الله ??ليه وآله وسلم کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. مسلم اُمت کي درپيش مسئلن، ڏڦيڙ، نفرتن ۽ ناانصافين جو واحد حل سيرت طيبه صلي الله ??ليه وآله وسلم ۾ موجود آهي. حضور صلي الله ??ليه وآله وسلم سان محبت هر مسلمان جي ايمان جو حصو آهي، انسانيت جي هر ڏُک جو علاج ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله ??ليه وآله وسلم جي ڪامل تابعداري ۾ لِڪل آهي. 12 ربيع الاول جي ڏهاڙي جي مناسبت سان پنهنج?? پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله ??ليه وآله وسلم جي ولادت جو ڏهاڙو آهي. اڄ جو ڏينهن سمورن مسلمانن لاءِ سڀ کان وڌيڪ خوشين ۽ برڪتن وارو ڏينهن آهي، الله ??عاليٰ پاڻ سڳورن صلي الله ??ليه وآله وسلم کي ٻنهي جهانن لاءِ رحمة للعالمين بڻائي موڪليو. الله ??عاليٰ اسان کي حضرت خاتم النبيين صلي الله ??ليه وآله وسلم جو اُمتي هئڻ جو شرف بخشيو، حضور اڪرم صلي الله ??ليه وآله وسلم سان محبت هر مسلمان جي ايمان جو حصو آهي. وفاقي وزير چيو ته حضور اڪرم صلي الله ??ليه وآله وسلم رنگ، نسل، خاندان، زبان ۽ وطن کان مٿاهون ٿي هڪ اُمت ۽ ملت جو قيام عمل ۾ آندو. پاڻ سڳورن صلي الله ??ليه وآله وسلم اهڙي فلاحي رياست قائم ڪئي جنهن ۾ امير ۽ غريب جا حق برابر آهن. پاڻ سڳورن صلي الله ??ليه وآله وسلم ڪيترن ئي سالن کان جنگ ڪندڙ قبيلن کي رياستِ مدينه جي فلاحي نظم جو حصو بڻايو جنهن سان هڪ عالمگير مساوات، ڀائيچاري ۽ عدل ۽ انصاف تي ٻَڌل معاشرو جڙيو. نبي اڪرم صلي الله ??ليه وآله وسلم جي تعليمات ئي اڄ جي ڏينهن سڀ کان وڏو فلسفو آهي، اسان کي پنهنجي آقا حضرت محمد صلي الله ??ليه وآله وسلم جي تعظيم سان سندن تعليمات کي حقيقي طور تي اختيار ڪرڻو پوندو. اڄ اسان ان ڳالهه جو عهد ڪريون ته جيڪو رستو پاڻ سڳورن صلي الله ??ليه وآله وسلم اسان کي ڏيکاريو ان رستي تي هلنداسين ته جي??ن اسان معاشري ۾ هڪ فلاحي رياست بڻائي سگهون جنهن سان دنيا ۽ آخرت ۾ فلاح ماڻي سگهون.