اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سمورا يوٽيليٽي اسٽورز کلي ويا آھن ۽ عو??م کي معياري کاڌي پيتي جون شيون رعايتي قيمتن تي فراھم ڪري رھيا آھن. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپورشن جي ترجمان جمعي ڏينھن پنھنجي بيان ۾ چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جا سمورا آپريشنز بحال ٿي ويا آھن ۽ سڄي ملڪ ۾ سمورا يوٽيلٽي اسٽورز کلي چڪا آھن ۽ عو??م کي معياري کاڌي پيتي جون شيون رعايتي اگهن ۾ فراھم ڪري رھيا آھن، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي انتظاميا ۽ ڪارڪن ن??ي جذبي سان عوام جي خدمت ۾ مصروف آھن. ھن چيو ته عوام جي سھولت ۾ اضافي لاءِ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن پنھنجي صارفين کي ڪيترين ئي شين تي خصوصي رعايت پڻ فراھم ڪئي آھي. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن پنھنجا سمورا وينڊرز، س??لا??يرز، مينيوفيڪچررز ۽ ٻين روز مره جي استعمال جون شيون س??لا??ي ڪرڻ وارين ڪمپنين جو شڪريو ادا ڪيو جن يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي عزت ڏني ۽ مش??ل وقت ۾ اسان سان گڏ بيٺل ھئا. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن انھن سمورن اسٽيڪ ھولڊرز، وينڊرز ۽ س??لا??رز جو دل سان شڪريو ادا ڪري ٿي.