راولپنڊي-29 آگسٽ (اي پي پي) ??يئ??مين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا عمان جي سر??اري دؤري دوران نائب وزيراعظم، بچاءَ واري وزير ۽ شاهي درٻار جي وزير سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. آءِ ايس پي آر موجب ??يئ??مين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سلطنت عمان جو سر??اري دؤرو ڪيو. جنرل ساحر شمشاد مرزا نائب وزيراعظم ۽ بچاءَ واري وزير سيد شهاب بن طارق بن ت??مو?? سان ملاقات ڪئي. هن شاهي درٻار جي وزير جنرل سلطان بن محمد الناماني سان به ملاقات ڪئي. ??يئ??مين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا پنهنجي دؤري دوران چيف آف اسٽاف وائ??س ايڊمرل عبدالله بن خم??س الرئيسي، سروسز چيفس ۽ ??يئ??مين آف ڊفينس اڪيڊمي سان به ملاقاتون ڪيون. ڌار ڌار ملاقاتن دوران تربيت، سيڪيورٽي، دهشتگرديءَ جي خاتمي، دفاعي صنعت سميت عسڪري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقاتن ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ اسٽريٽجڪ تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عسڪري لاڳاپن کي واڌ ڏ??ڻ تي به ڳالهيون ڪيون. عماني عملدارن دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي عوام ۽ هٿياربند فوج جي قربانين جو اعتراف ڪيو.