اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪستاني ايٿليٽ ارشد ند??م کي اولمپڪس ۾ رڪارڊ ڪارڪردگي تي هلال امتياز عطا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت آصف علي زرداري، ارشد ند??م کي ران?? جي ميدان ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ خاص تقريب ۾ سول ايوارڊ عطا ڪندو. صدر مملڪت جي هدايت تي ??يوان صدر ارشد ند??م کي سول ايوارڊ عطا ڪرڻ لاءِ ڪابينه ڊويزن کي خط لکي ڇڏيو آهي. صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو ته ارشد نديم بهترين ڪارڪردگي سان ران?? جي ميدان ۾ قوم جو س?? فخر کان بلند ڪيو. ايوان صدر طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ارشد نديم جي عالمي سطح تي ??اندار ڪاميابي قوم لاءِ فخر جو سبب بڻي آهي. ارشد نديم ايٿليٽڪس جي ميدان ۾ نالو روشن ڪيو. صدر مملڪت ارشد ند??م کي سول ايوارڊ آ??ين جي آرٽيڪل 259 (2) تحت عطا ڪندو. آ??ين تحت صدر مملڪت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ جي اعتراف ۾ پاڪستان جي شهرين کي اعزاز عطا ڪري سگهي ٿو.