راولپنڊي- 14 آگسٽ (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصرن جي ڪوڙين خ??رن ۽ پروپيگنڊا ذريعي پاڪستاني عوام ۽ فوج وچ ۾ تعلق کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن جڏهن ته انهن ڪوششن کي ??اڪام بڻايو پيو وڃي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف سيد عاصم منير يوم آزادي جي حوالي سان پاڪستان آرمي جي اڳوڻن فوجين جي اعزاز ۾ پروقار تقريب جي آجيان ڪئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ريٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ جوانن شرڪت ڪئي. آرمي چيف ان موقعي تي اڳوڻن فوجي اهلڪارن جي خد??تن تي کين تحسين پيش ڪيو. هن چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اتحاد ۽ استقامت جي اهمي?? تي زور ڀريو ۽ اڳوڻن فوجين کي ??اڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي. اڳوڻن فوجين پاڪ آرمي جي قياد?? تي اعتماد جو اظهار ڪندي اندروني ۽ پرڏيهي س??ڪي??رٽي چيلينجز کي ??نهن ڏيڻ جي ڪوششن جي حمايت جو عهد ڪيو. اها تقريب پاڪ فوج ۽ ان جي اڳوڻن فوجين وچ ۾ گهري رشتي جي عڪاسي هئي.