اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته جنا?? ميڊيڪل ڪمپليڪس جي ماسٽر پلان جي تياري، فني مدد ۽ طبي اوزارن جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن جون خدمتون ورتيون وڃن، جنا?? ميڊيڪل ڪمپليڪس کي نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ بهترين طبي سهولتن سان ليس اسپتال بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ جنا?? ميڊيڪل ڪمپليڪس تي جائزه اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته جنا?? ميڊيڪل ڪمپليڪس کي ٽرشري سطح جي جديد اسپتال بڻائي وڃي، جنا?? ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ پوري پاڪستان مان مريضن کي موجوده دور جي جديد گهرجن سان هم آهنگ علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جنا?? ميڊيڪل ڪمپليڪس جي ماسٽر پلان جي تياري، فني معاونت ۽ طبي اوزارن جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن جون خدمتون ورتيون وڃن. وزيراعظم چيو ته اسان پنجاب ۾ عالمي معيار جي پي ڪي ايل آءِ اسپتال ٺاهي، پي ڪي ايل آءِ تي سياست ڪري ان کي تباهه ڪرڻ جي ڪڌي سازش ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته جنا?? ميڊيڪل ڪمپليڪس جي جلد تعمير جي لاءِ قدم يقيني بڻايا وڃن، جنا?? ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعمير ۾ تعاون تي آغا خ??ن فائونڊيشن جي خاص طور تي ٿورائتا آهيون. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي صحت واري ڪوآرڊينيٽر مختار احمد ڀرت ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ??رڪ?? ڪئي. اجلاس کي جنا?? ميڊيڪل ڪمپليڪس جي ماسٽر پلان ۽ منصوبي جي تعمير جي حوالي سان اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جنا?? ميڊيڪل ڪمپليڪس کي ٽرسٽ ٺاهيو ويندو جيڪو اسپتال جي انتظامي معاملن کي ڏسندو. ان ٽرسٽ جو پيٽرن ان چيف وزيراعظم هوندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪمپليڪس جي ماسٽر پلان تي عالمي شهرت يافته آمريڪي ماهر ڪم ڪري رهيا آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آغا خ??ن فائونڊيشن پڻ ڪمپليڪس جي حوالي س??ن فني معاونت ف??اهم ڪري رهي آهي. اجلاس کي منصوبي جي تعميري لاڳت ۽ مقرر مدي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جنا?? ميڊيڪل ڪمپليڪس کي نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ بهترين طبي سهولتن سان ليس اسپتال ٺاهي وڃي. وزيراعظم منصوبي ۾ شفافيت جي عنصر کي خاص اهميت ڏيڻ ۽ منصوبي کي گهٽ وقت ۾ مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان هدايتون جاري ڪيون.