اسلام آباد -14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيلم جهلم پاور پراجيڪٽ کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي حوالي سان فوري ڪميٽي جوڙڻ ۽ هن اهم پراجيڪٽ ۾ مجرماڻي غفلت ۽ خ??اب??ن جي ذميوارن جو تعين ڪري انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آه??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيلم جهلم پاور پراجيڪٽ جي حوالي سان اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نيلم جهلم پاور پراجيڪٽ ۾ پيدا ٿيل هاڻوڪي خ??اب?? جي جاچ ڪرڻ واري جاچ ٽيم ڪميٽي جي سربراهه اڳواڻي گهرو سيڪريٽري شاهد خان طرفان شروعاتي جاچ رپورٽ پيش ڪئي وئ??. و??يراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي هيڊريس ٽنل ۾ 29 اپريل 2024ع تي فشار ۾ گهٽتائي سبب بجلي جي پيد??وا?? ۾ گهٽتائي ٿي. ۽ 2 مئي 2024ع تي پاور پلانٽ مان بجلي جي پيد??وا?? مڪمل طور بند ٿي وئي، منصوبي جي بندش سان قومي خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، جنهن جاءِ تي موجوده خ??اب?? پيدا ٿي آهي، هي راڪ برسٽ زون آهي. بريفنگ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور دوران 2021ع ۾ به هيڊريس ٽنل ۾ فشار ۾ غير معمولي گهٽتائي سبب منصوبي مان بجلي جي پيد??وا?? ۾ نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي، پر فشار ۾ هن غير معمولي تبديلي کي نظر انداز ڪندي رپورٽ نه ڪيو ويو ۽ معاملي کي ڄاڻي واڻي دٻايو ويو. پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور دوران 2021ع ۾ نيلم جهلم پاور پراجيڪٽ ۾ ٿيل خ??اب?? جي حوالي سان مرمت جو ڪو به ڪم نه ڪيو ويو، جنهن سان نقصان ۾ اضافو ٿيندو رهيو. هي هڪ مجرماڻي غفلت هئي. نيلم جهلم پاور پراجيڪٽ ۾ 2021ع ۾ پيدا ٿيل خ??اب?? کي به جاچ رپورٽ جو حصو بڻايو پيو وڃ??. و??يراعظم کي ٻڌايو ويو ته سال 2022ع ۾ منصوبي جي ٽيل ريس ٽنل ۾ خ??اب?? سبب بجلي جي پيد??وا?? معطل ٿي ۽ جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي تعمير جي حوالي سان جيو فزيڪل ۽ سيسمڪ سببن کي نظر انداز ڪيو ويو، هيڊريس ٽنل جي مناسب ڪنڪريٽ لائننگ نه ڪئي وئي، منصوبي جي وقت سر ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن نه ڪرائي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم نيلم جهلم پاور پراجيڪٽ جي هاڻوڪي بندش جي حوالي سان جاچ رپورٽ فوري طور مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي پراجيڪٽ ۾ پيدا ٿيل خ??اب??ن جي حوالي سان ذميوارن جو تعين ڪري انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت به ڪئ??. و??يراعظم چيو ته ماهرن نشاندهي ڪئي ته ڊزائن ۾ خ??اب??ون آهن. ڪانڪريٽ لائيننگ نه ڪئي وئي. هي ڪيتري نه بدقسمتي جي ڳالهه آهي جو ايڏي وڏي ۽ اهم منصوبي ۾ مجرماڻي غفلت ڪئي وئ??. و??يراعظم پڇاڻو ڪيو ته منصوبي جي حوالي سان تفصيلي جيولوجيڪل سروي ڇو نه ڪرائي وئي؟ منصوبي جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن نه ڪرائي مجرماڻي غفلت ڪئي وئ??. و??يراعظم نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي حوالي سان فوري ڪميٽي بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير، سڌ سم??ءَ واري وفاقي وزير، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير، پيٽروليم ڊويزن واري وفاقي وزير، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل، واپڊا چيئرمي??، اڳوڻي گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.