آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف ڊمه ڊوله، باجو?? ۾ ??ماڪي ۾ اڳوڻي سينيٽر هدايت الله سميت ٽن ماڻهن جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري انهن کي سخت کان سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئ?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محم?? شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي ان واقعي جي جيتري به مذمت ڪئ?? وڃي گهٽ آهي، دهشتگرد عنصر ملڪ جي امن امان ۽ جمهوريت جا دشمن آهن. هن چيو ته دهشتگرد پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، دهشتگردي جي لعنت جو ملڪ مان خاتمو ڪري سک جو ساهه کڻنداسين. وزيراعظم مارجي ويلن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئ??.