اسلام آباد-11 جون (ا?? پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ??ار?? وزارت 1996 ملين ڊالر جو واپاري سرپلس حاصل ڪيو.جيڪو سمورن سروسز ۾ سڀ کا?? وڌيڪ بهتر آهي. جاري ڪيل اقتصادي سروي مطابق مالي سال 24ع (جو??اء??-مارچ) دوران آءِ سي ٽي ايڪسپورٽ ڪل روانگي واپار 87.4 سيڪڙو آهي جيڪو گذريل سال 1723 ملين ڊالر جي ڀيٽ ۾ 15.8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي سال 24ع دوران آءِ سي ٽي روانگي واپار 339 ملين ڊالر سيڪڙو اضافي سان 2283 ملين ڊالرن تائين پهچي ويو، جيڪو گذريل سال 1944 ملين آمريڪي ڊالر هو. پاڪستان ۾ رهندڙ فري لانسرز جو??اء?? کا?? مارچ مالي سال 24ع دوران 350.2 ملين ڊالرن جي ناڻي ذريعي پاڪستان جي معيشت ۾ پرڏيهي مٽاسٽا ??ار?? ناڻو ڪمايو. پاڪستان سافٽ و??ئر ايڪسپورٽ بورڊ فيبروري 24ع ۾ وومن يونيورسٽي آف باغ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ پهريون ڀيرو عورتن جي سافٽ و??ئر ٽيڪنالاجي پارڪ جي شروعات ڪئي. مارچ 24ع تائين نيشنل انڪيوبيشن سينٽرن 1480 کا?? وڌيڪ اسٽارٽ اپس کي انيڪوبيٽ ڪيو آهي، جنهن ۾ هاڻ تائين 710 کا?? وڌيڪ ڪاميابي سان همڪنار ٿي چڪا آهن. ان اسٽارٽ اپس 128000 کا?? وڌيڪ ملازمتون پيدا ڪيون، مجموعي طور تي 23 ارب رپين کا?? وڌيڪ جي سيڙپڪاري حاصل ٿي، جنهن جي مجموعي آمدني 16 بلين رپين کا?? وڌيڪ آهي. ان پروگرام ذريعي 2800 کا?? وڌيڪ ڪاروباري عورتن کي بااختيار بڻايو ويو. جو??اء?? کا?? مارچ مالي سال 24ع دوران ٽيليڪام سيڪٽر لچڪ جو مظاهرو ڪيو، پنهنجي خدمتن کي وسعت ڏني ۽ ٽيليڪام جي آمدني 735 بلين رپين تائين پهچائي.