اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي ۽ چي??ي ڪمپني ايم سي سي ٽونگسن ريسورسز پاڪستان ۾ معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چين جي ڪمپني ايم سي سي ٽونگسن ريسورسز جي وفد چيئرمين وانگ جائي چينگ جي قي??دت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، راڻا تنوير حسين، ڄام ڪمال خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. چي??ي ڪمپني پاڪستان ۾ معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو، جيڪو وزيراعظم شهباز شريف جي قي??دت ۾ ٻاهرئين سيڙپڪارن جي اعتماد جو مظهر آهي. ڪمپني پاڪستان ۾ منرل پارڪ ٺاهڻ جي حوالي سان وزيراعظم کي تفصيل?? بريفنگ ڏني ۽ وڌيڪ سيڙپڪاري جي منصوبي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چي??ي ڪمپني جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست ۽ ترقي ۾ اهم حصيدار آهي. چين پاڪستان جي هر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي جنهن تي مون سميت پوري قوم چيني قي??دت ۽ چيني عوام جي ٿورائتي آهي. وزيراعظم چي??ي ڪمپني کي پاڪستان ۾ معدنيات جي شعبي ۾ کاڻين جي کوٽائي کان وٺ?? برآمدي شين جي تياري جي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ج?? برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ معدنيات ڪڍڻ، ان جي پراسيسنگ ۽ ان جي مصنوعات ک?? برآمد ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪاري کي مڪمل سهولت ڏني ويندي. وزيراعظم لاڳاپيل وفاقي وزيرن ۽ آفيسرن کي چي??ي ڪمپني سان مشاورت جي هدايت ڪئي. وزيراعظم مشاورتي عمل ۾ بلوچستان جي وڏي وزير ۽ صوبي جي لاڳاپيل ادارن ۽ ڌرين کي شامل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.