اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم حصيدار آهي، پاڪستان چين سان ترجيحي بنيادن تي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ چين ۾ پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات ۾ اضافي جو خواهشمند آهي، سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي حوالي سان ڀرپور تياري ڪري رهيا آهيون، چيني تعاون سان گوادر بندرگاهه کي لاجسٽڪس جو حب ٺاهيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي وا??ي وفاقي وزير احسن اقبال، واپار وا??ي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اقتصادي معاملن وا??ي وفاقي وزير احد خان چ??ما?? ناڻي ۽ اوڳاڙين وا??ي وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم وا??ي وفاقي وزير مصدق ملڪ، صنعت ۽ پيداوار وا??ي وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، پاور وا??ي وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، سامونڊي معاملن وا??ي وفاقي وزير قيصر احمد شيخ (وڊيو لنڪ ذريعي)، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام وا??ي مملڪتي وزير شزه فاطمه، وزيراعظم جي خا?? معاون طارق فاطمي، ??پٽ?? چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف وفاقي وزارتن پاران پاڪستان چين ٻطرفي معاشي لاڳاپن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم حصيدار آهي. هن چيو ته چيني انڊسٽري خا?? طور تي چيني ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ جي دعوت ڏيون ٿا، حڪومت چيني صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي حوالي سان جامع پلان جوڙيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته چيني تعاون سان گوادر بندرگاهه کي لاجسٽڪس جو حب ٺاهيو ويندو. ايگريڪلچر ڊيمانسٽريشن زونز جو قي??م سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي حوالي سان اهم منصوبو هوندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين سان ترجيحي بنيادن تي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ چين ۾ پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات ۾ اضافي جو خواهشمند آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته لاڳاپيل وزارتون پاڪستان چين جي تعاون جي نئين منصوبن جي حوالي سان تياري ڪن ۽ بزنس ٽو بزنس رابطا وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو روانگي واپار وڌائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ ۾ چين پاڪستان جو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.