اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيد يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين ۽ سيدال خان ناصر کي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ انه?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو عوامي ڀلائي ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ موثر قانونسازي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم نئين چونڊيل سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمي?? جي لاءِ پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ت?? سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمي?? جي چونڊ جمهوري عمل تسلسل آهي، اميد آهي ته توهان آئي?? جي سربلندي ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته توهان عوامي ڀلائي ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ موثر قانونسازي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ت?? وفاقي ڌري?? جي مضبوطي ۽ جمهوري قدر?? جي پاسداري جي لاءِ سينيٽ جو ڪردار تمام اهميت رکندڙ آهي.