اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته خيبرپخ??ون??واهه صوبي جي شهر بشام ويجهو دهش??گر?? حملي ۾ 5 چيني شهري ۽ هڪ پاڪستاني شهري مارجي ويا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته پاڪستان حڪومت دهش??گر??ي جي ان ڪڌي فعل جي شديد مذمت ڪري ٿي، اسان دهش??گر??ن ۽ ان جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻنداسين. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي طرح جون ڪڌيون ڪارروايون دهش??گر??ي جي لعنت جي خلاف وڙهڻ جي پاڪستاني قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. بيان موجب اڄ جي حملي جي منصوبابندي پاڪ چين دوستي جي دشمنن ڪئي، اسان اهڙي سمورين قوتن جي خلاف پوري عزم سان ڪارروائي ڪنداسين ۽ انهن کي شڪست ڏينداسين. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت مشڪل جي هن گهڙي ۾ پنهنجي چيني دوستن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ حملي ۾ مارجي وي??دڙ چيني شهرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ڪريون ٿا. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۽ چين ويجها ??وست ۽ مضبوط ڀاءُ آهن، پاڪستان ۾ چيني شهرين جي زندگي ۽ حفاظت انتهائي اهميت رک??دڙ آهي، پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.