ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سال جي بجيٽ جي تياري ۾ سمورن صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ جو معاش?? استحڪام اسان جو بنيادي مقصد آهي، معيشت جي بحالي جي لاءِ ??فا?? ۽ صوبن جي وچ ۾ حصيدا??ي لازمي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ۾ ??فا??ي حڪومت جي ترقياتي منصوبن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، ??فا??ي ۽ صوبائي وزير ۽ لاڳاپيل وزارتن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته معيشت جي بحالي جي لاءِ ??فا?? ۽ صوبن جي وچ ۾ حصيدا??ي لازمي آهي، پاڪستان جي مجموعي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان کي متحد ٿي مسئلن جو حل ڳولڻو پوندو، ملڪ جو معاش?? استحڪام اسان جو بنيادي مقصد آهي، سنڌ صوبي خاص طور تي ڪراچي ۾ پاڻي جي پهچ جي پراڻي مسئلي جو جلد کان جلد حل ڳوليو وڃي. هن لاڳاپيل ??فا??ي ۽ صوبائي وزيرن کي سنڌ حڪومت جي مالي ۽ اقتصادي ۽ ٻين مسئلن جي پائيدار حل ڳولڻ ۽ ايندڙ سال جي بجيٽ جي تياري ۾ سمورن صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سنڌ صوبي ۾ بجلي چوري جي خاتمي جي لاءِ ??فا??ي حڪومت جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم کي سنڌ حڪومت پاران سرڪاري ۽ نجي حصيداري تحت ٺهندڙ ڪامياب منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پاڻي وسيلن، مواصلات، اوڳاڙين، توانائي ۽ ٻين شعبن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي.