اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابر??هي?? وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي ٽيليفون ڪري مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابر??هي?? وزيراعظم محمد شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ ??واهشن جو اظهار ڪيو. ملائيشيا جي وزيراعظم قائد مسلم ليگ (ن) محمد نواز شريف جي لاءِ پڻ نيڪ ??واهشن جو اظهار ڪيو، جنهن تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ملائيشيا سان واپاري ۽ سفارتي لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جو خو??هشمند آهي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابر??هي?? ک?? پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.