اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پا??لياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۾ ڪو تعطل يا ڊيڊ لاڪ نه آهي، آئين تحت ??ون??ن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تائين گهرائي سگهجي ٿو، ڪنهن پا??ٽي وٽ سادي اڪثريت نه آهي، سياسي پا??ٽين جي وچ ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن، پاڪستان جي آئين ۾ هر صورتحال مان نڪرڻ جو رستو موجود آهي. پا??ليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پا??لياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اهي ماڻهو جيڪي مختلف طرح سان ماڻهن جي خدمت ڪن ٿا، انهن جي لاءِ آواز ??لن?? ڪرڻ گهرجي، اهي شاعر، موسيقار، فنڪار، ڊرامي نگار جيڪي ڪروڙپتي نه آهن، انهن جي خدمتن جو اعتراف ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اشرافيه جي ڪلبز کي به گهرجي ته اهي اهڙن ماڻهن جي خدمتن جو اعتراف ڪن، ڪنهن کي ميمبرشپ ڏيڻ وقت رڳو پئسي کي نه ڏٺو وڃي، خدمتن کي به ڏٺو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پا??لياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئين تحت ??ون??ن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تائين گهرائي سگهجي ٿو جنهن ۾ اڃ?? ڪجهه ڏينهن باقي آهن. هن چيو ته اها معمول جي ڪار??وا??ي آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل يا ڊيڊ لاڪ نه آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته ورڇ ٿيل پا??ليامينٽ آهي، ڪنهن سياسي پا??ٽي وٽ سادي اڪثريت نه آهي، سياسي پا??ٽين جي وچ ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جو آئين جامع ۽ تفصيلي آهي، فرض ڪريو ته سياسي پا??ٽين جي وچ ۾ ڪنهن قسم جو اتفاق راءِ پيدا نٿو ٿئي ته آئين ۾ ان جو رستو موجود آهي.