برسلز – 02 – فيبروري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني بيلجيئم جي هم منصب ح??جه لهبيب سان برسلز ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ بابت امڪانن جو جائزو ورتو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ بيلجيئم جي ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار، تعليم ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ مسلسل ڪوششن ۽ تعاون ج?? اهميت تي اتفاق ڪيو. انهن جو چوڻ هو ته گڏيل خوشحالي جي ل??ءِ تعاون جون نيون راهون ??ولڻ جي ضرورت آهي.